اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آه?? ته بلوچستان ۾ عوام کي رياست خلاف اُڪسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جاگرافيائي طور تي ??ار??خي ۽ عظيم طاقتن جي سنگم تي واقع آه??، بلوچستان جو مقام تمام اهم آه??، برطانوي دؤر ۾ هي خطو وڏين طاقتن جي اکين ۾ چڀندو رهيو آه??، رياست پاڪستان جو حصو هئڻ سبب بلوچستان ۾ سازشون هر ڀيري ناڪام ٿيون، ڪوڙن نعرن سان بلوچستان جي نوجوانن کي ڀڙڪائڻ وارا پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، بلوچستان پاڪستان جو فخر آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪ چائينا فرينڊشپ سينٽر جي انتظام هيٺ ”مير هز??ر خان مري (مزاحمت کان مفاهمت تائين“ جي عنوان سان عمار مسعود جي لکيل ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي بهادر پُٽ جي زندگي کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آه??، جنهن جي زندگي مسلسل جدوجهد سان ڀريل آه??. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان جي عوام کي رياست خلاف اُڪسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر مير هز??ر خان مري انهن سازشن کي سمجهيو ۽ مفاهمت ۽ يڪجهتي جي راهه تي هليو. وفاقي وزير هڪ حديث جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ امانت آه??. حديث ۾ فرمايو ويو آه?? ته اوڀر ۾ اسلام جي طاقت جو اظهار ٿيندو، ان ئي سبب اسان جو ملڪ دشمنن جي اکين ۾ چڀي ٿو. هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرف??ار?? کانپوءِ ڪو شڪ ناهي رهيو ته بلوچستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ ج?? ڪير خواهشمند آه??. احسن اقبال چيو ته هن وقت ملڪ جي ٻين صوبن ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ به سڀ کان وڌيڪ 130 ارب رپيا ترقياتي فنڊز بلوچستان ڏانهن وڃي رهيا آه??، اسان ت??قيءَ لاءِ جامع قدم کڻي رهيا آه??ون. احسن اقبال سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ ترقيءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ يا ان کي ماريندڙ بلوچستان جا دوست ۽ همدرد آه??؟ اهي همدرد نه پر بدامنيءَ ذريعي صوبي کي پويان رکڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ترقيءَ جو دارومدار امن امان، تعليم ۽ آسان رابطن ۾ آه??، جيڪي ماڻهو به صوبي ۾ تڪرار، تشدد ۽ مزاحمت اختيار ڪن ٿا اهي بلوچستان جا دوست ناهن. وفاقي وزير چيو ته عمار مسعود ڪتاب لکي هڪ اهم فرض سرانجام ڏنو آه??. هن ت??ويز پيش ڪئي ته ان ڪتاب جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن بلوچ نوجوانن کي حقيقتن کان آگاهه ڪري سگهجي. احسن اقبال تجويز پيش ڪئي ته سڌ سماءَ واري وزارت ان ڪتاب تي فلم ٺاهڻ لاءِ به قدم کڻي ته جيئن ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪري سگهجي.