اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ صنعتن، پيداوار ۽ قومي غذائي تحفظ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين واپار واري وزارت ۾ روس جي زراعت بابت نائب وزير سرگئي ليون سان ملاقات ڪئي. ڪالهه جاري پڌرائيءَ مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ خاص طور تي زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان خيرسگالي جي ??ذب?? طور تح??ن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ور??اءُ ڪيو.