اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽ??ي کي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي قانون بابت صلاحڪار محمد مشتاق طرفان گهرو سيڪريٽ??ي کي لکيل خط ۾ قومي اسيمبلي جي قاعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع جي قاعدي 108 جي ذيلي قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ش??ڪت لاءِ اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وي?? هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وز??ر، اويس حيدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف ??ان لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.