اسلام آباد -09 سيپٽمبر (ا?? پي پي) چين ۾ توانائي بابت سينئر اي??وائيزر ۽ س?? پيڪ پراجيڪٽ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حسن داد بٽ چيو آهي، ته س?? پيڪ تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا برابري جي بنياد تي ٻڌل آهن. هن گذريل ڏينهن ا?? پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته دنيا جي حالتن کان قطع نظر ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ خوشگوار رهيا آ??ن ۽ ٻنهي ملڪن جي خواهش آهي، ته هڪ ٻئي کي مضبوط ڪيو وڃي. خيبر پختونخوا سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيف اي??زيڪيوٽو آفيسر حسن داد بٽ چيو ته س?? پيڪ تحت پاڪستان ۾ ڊگهي ۽ وچولي مدي وارن منصوبن تي اڏاوتي ڪم تيزي سان ج??ري آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن س?? پيڪ تحت هڪ ٻئي جي تجربن مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ س?? پيڪ جا ثمر سامهون ايندا، ڇو ته س?? پيڪ جو مقصد اهو ئي آهي ته ٻئي ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿين ۽ علائقائي سطح تي هڪ ٻئي سان ڳنڍجن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? سفارتي لاڳاپا اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? معاشي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آ??ن ۽ ٻه طرفا عوامي رابطن کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪارڪرد??ي، پيداواري صلاحيت ۽ نظم ۽ ضبط کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته س?? پيڪ جو منصوبو 2030ع تائين ج??ري رهندو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ توانائي جي منصوبن تي ڪم ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ زراعت ۽ سماجي ڀلائي کان علاوه مختلف اقتصادي زونز جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته س?? پيڪ تحت سڄي ملڪ ۾ اقتصادي زونز جي تعمير 2025ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته س?? پيڪ تحت علائقائي رابطن تي ڪم جاري آهي ۽ ان حوالي سان افغانستان تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني س?? پيڪ جي مختلف منصوبن ۾ ڪم ڪري رهيا آ??ن جن جي مڪمل ٿيڻ سان سڄي ملڪ ۾ نوڪرين ج?? وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا.