اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد ??لي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ۽ بي پناهه مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ سيد ??لي گيلاني جو پختو عزم بي مثال هو. ترجمان چيو ته سيد ??لي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جو سچو آواز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائين گهر ۾ نظربند رهڻ ??انپوءِ پهرين سيپٽمبر 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي جي لاءِ سيد ??لي گيلاني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس يا?? کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.