اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان شيخ احمد دلموڪ المڪتوم جي قيادت ۾ گڏيل ع??ب امارات جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي ميري ٽائيم، ريلوي ۽ ايوي ايشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ميري ٽائيم، ريلوي ۽ ايوي ايشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ج?? موقعن تي ڌيان ڏنو ويو.