اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار موا?? جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مواد س??ن گڏ هڪ گين?? جي گرفتاري تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مواد ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻهن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنهن جي ??ال??ت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائيس س??ن گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار موا?? جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي موا?? جي بليڪ مارڪيٽ جي وجو?? جي به ن??ان??هي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کا?? ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سيل شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مواد ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻهن جي قبضي ۾ هو. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مواد جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستا?? انهن واقعن جي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.