اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ شيخ عبدالمتين چيو آهي، ته 5 آگسٽ کي پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي يوم استحصال طور ملهائڻ ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو آهي، هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جو ڌيان ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال ڏانهن ڇڪائڻ آهي. يوم استحصال جي موقعي تي اي پي پي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان طرفان يوم استحصال ملهائڻ ۽ ڪشميرين سان ڀرپور طريقي سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان طرفان يوم استحصال ملهائڻ جو پيغام اهو آهي ته ڪشميرين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي ۽ ڪشميري خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي. شيخ عبدالمتين چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪلز 35 (اي) ۽ 370 کي ??تم ڪيو، ڪشميري خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڀارت طرفان انهن آرٽيڪلز کي ??تم ڪرڻ پٺيان جيڪي ناڪام ارادا آهن انهن جو مقصد ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڊيمو گرافي کي ??بديل ڪرڻ آهي. انهي لاءِ ڀارت غير رياستي رهواسين کي لکين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ غير رياستي رهواسين کي والاريل علائقي ۾ آباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشميرين کي ??نهن جي ملڪيتن مان به بيدخل ڪيو پيو وڃي. حريت ڪانفرنس جي سينئر اڳواڻ چيو ته ??سان 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، ڪشميرين جو آواز خوداراديت واري حق جو آواز آهي، جنهن لاءِ ڪشميري لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن سڄي دنيا کي ??پيل ڪئي ته هو ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين کي ??وڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. شيخ عبدالمتين چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ سميت وڏي تعداد ۾ ڪشميري اڳواڻ ۽ بيگناهه شهري جيلن ۾ قيد آهن، ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير بابت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جون ٻه رپورٽون 2018 ۽ 2019ع ۾ شايع ٿيون هيون جن ۾ چيو ويو هو ته والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون پائماليون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد حق تي ٻڌل آهي. ڪشمير بابت گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن، ان لاءِ ڪشميرين جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي جدوجهد جاري رکن. حريت اڳواڻ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي ??تم ڪرڻ لاءِ طاقت جو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي غ??رقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي 10 لک کان وڌيڪ فوجي قابض آهن جن کي ڪاري قانون تحت کُلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هو ڪنهن کي ??ه قتل ۽ نقصان پهچائي سگهن ٿا پر هو ڪنهن عدالت ۾ جوابده ناهن، ان ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪشميري لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. شيخ عبدالمتين چيو ته ??هو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميرين کي ??وداراديت وارو حق ملندو، ڀارت کي ??هو ياد رکڻ گهرجي ته ??لم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري پنهنجي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندا.