اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي ??جڪ??ري بابت ڪميٽي جو اجلاس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن بشمول ناڻي واري وزير، ??جڪ??ري واري وزير، واپار واري وزير، بجلي واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير کانسواءِ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاق?? سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي ??جڪ??ري بابت ڪميٽي جي اجلاس کي ??جڪ??ري ڪميشن آرڊيننس 2000ع ج?? سيڪشن 5 (بي) موجب پ?? سي بورڊ جي سفارشن جي بنياد تي ??جڪ??ري واري وزارت جي ذريعي مرحليوار ??جڪ??ري پروگرام پيش ڪيو ويو. ??جڪ??ري پروگرام ۾ واپاري جاءِ ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان کي رڳو اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ايز تائين محدود ڪرڻ شامل آهي. س?? سي او پي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته منافعو ڪمائيندڙ ايس او ايز جي پڻ ??جڪ??ري تي غور ڪيو ويندو. ??جڪ??ري جي پاليسي جي رهنما رخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ س?? سي او پي ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي جي روشني ۾ تفصيل سان مالي سال 2020ع کان 2022ع ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز جي جامع رپورٽ ۾ جهلڪندڙ 84 ايس او ايز تي غور ڪيو. س?? سي او پي ??جڪ??ري پروگرام (29 – 2024ع) جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته ??جڪ??ري پروگرام ۾ ٻين ايس او ايز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا جي رياستي ملڪيتي ڪاروباري ادارن بابت ڪميٽي پاران اسٽريٽجڪ/ضروري ايس او ايز جي درجابندي جي حوالي سان جائزي جي تڪميل کانپوءِ ڪيو ويندو. جن ادارن کي اسٽريٽجڪ يا ضروري طور تي درجابندي ناهي ڪئي وئي، انهن کي پروگرام ۾ سان جي شموليت بابت فيصلي جي لاءِ س?? سي او پي جي سامهون رکيو ويندو. س?? سي او پي ??جڪ??ري ڪميشن وٽ پيل او جي ڊ?? سي ايل جي شيئرز کي خودمختيار دولت فنڊ يا توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) کي منتقل ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته ان وقت جي لاءِ جمود برقرار رکي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ س?? سي او پي مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ ڪميشن جي بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني جنهن جي رقم 8169 ملين آهي. چيئرمين اجلاس جي پڄاڻي ڪندي ??جڪ??ري پروگرام کي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ مڪمل حڪومتي موقف سان ل??ڳو ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيئرمين پروگرام ل??ڳو ڪرڻ ۾ سمورين ڌرين جي حمايت ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.