اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ??هي ته فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ماڊل سينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلا?? کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ??ه هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپ??ين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ??ه فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو ??هي. اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ??ه ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.