اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بل??چس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ منصوبن جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبي جون پاڻي ضرورتون پوريون ڪرڻ، زراع?? جي فروغ ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ وفاقي حڪوم?? جي تعاون سان ڪڇي ڪينال جي جلد تڪميل ضروري آهي، صوبائي حڪومت بل??چس??ان جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، بل??چس??ان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بل??چس??ان جي وڏي وزير صدر کي صوبي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٻڌايو. بل??چس??ان جي وڏي وزير صدر کي عوامي ڀلائي جي لاءِ صوبي ۾ جاري ترياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. صدر صوبي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان جي لاءِ صوبائي حڪوم?? جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.