آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستا?? جي صدر ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ظاهر ڪيو آهي ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستا?? جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي وچ ۾ قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ۽ ازبڪستا?? جي صدر پاڪستان ۽ ازبڪستا?? جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ازبڪستان خطي جي ملڪ?? جي لاءِ واپار جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٽرانزٽ پوائنٽ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان حوالي سان دستياب مختلف آپشنز جي جانچ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي پورٽ کي ترمز سان ڳنڍڻ تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ خوشحال وچ ايشيا ۽ وڌندڙ علائقائي رابط?? جي لا??ِ پاڪستا?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ملندو. ٻنهي اڳواڻن افغانستا?? جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿو، جي صورتحال ۽ پرامن ۽ مستحڪم افغانستا?? جي لا??ِ پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻنهي جي گڏيل عزم تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ازبڪستان– افغانستان– پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي.