راولپنڊي-10 جون(اي پي پي) لڪي مروت ضلعي ۾ بارودي سنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد ??راز الياس، صوبيدار ميجر محمد ??ذير، لانس نائيڪ محمد انور، لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي ??ماز بنون ۾ ادا ڪئي ??ئي. جنازي ??ماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪ??ا ويا جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر شهيدن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون.