اسلام آ??اد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 182 ووٽن جي زبردست حمايت سان 2025ع ۽ 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ تي دلي مبارڪ??اد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي مبارڪبا?? واري پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل قومن جي چارٽر جي ويزن سان پنهنجي و????ست??ي کي برقرار رکڻ، عالمي خوشحالي ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊي?? موجب عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي پرڏيهي و??ارت، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سمورن مشنز پاران بهترين مهم ۽ ٽيم ورڪ کي ساراهيو.