اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي دوري تي آيل آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهو?? بيراموف ج?? پرڏيهي آفيس اچڻ تي استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿيندي. ٻئي اڳواڻ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون بابت خيلان جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهو?? بيراموف گڏيل نيوز ڪانفرنس پڻ ڪندا. آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهو?? بيراموف ٻن ڏينهن جي سرڪاري تي دوري اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. پرڏيهي وزير جيهو?? بيراموف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪندو.