اسلام آباد – 21 ??? م??ي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ر??يسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر جو ايراني صدر جي شهادت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گهري ڏک جو اظه??ر ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي شهادت تي ڏکويل آ??ي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صدر جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آ??ي، صدر ابراهيم ر??يسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو، صدر ابراهيم ر??يسي جي شهادت سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان سان لاڳاپن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آ??ي، ايران جي سپريم ليڊر پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي جو پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتا?? ۾ ??عزيتي تاثر پڻ لکيا.