اسلام آباد – 13 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر خ??لد مقبول صديقي کي گذريل ڏينهن متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر خ??لد مقبول صديقي بطور ڪنوينر متحده قومي موومينٽ پاڪستان ??ارٽي ۾ هڪ نئون روح ڦُوڪيو ۽ پارٽي قومي مفادن جي خاطر مشڪل فيصلن ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊاڪٽر خ??لد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ متحرڪ ٿيندي.