اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت جي ??عاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي ??فتار تيز ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري کي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي ??من امان جي مجموعي ص??رت??ال تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر کي امن امان جي ????رت??ال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن صدر کي ڪراچي ۾ ڏوهن، ڪچي جي ??لائقي ۽ صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي ص??رت??ال بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته شهر جي ??اخلي ۽ خارجي ??ستن جي موثر نگراني جو نظام جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته پوليس چوري ٿيل مال جي موثر ٽريڪنگ کي يقيني بڻائيندي مناسب قانوني ڪارروائي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته چيني شهرين جي ??يڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر قسم جي معاونت فراهم ڪئي وڃي. صدر چيو ته ڪچي جي ??لائقي ۾ آپريشن کي پوري قوت سان جاري رکيو وڃي، ڪچي جي ??لائقي جي ??يڪيورٽي ص??رت??ال بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. آصف علي زرداري هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت جي ??عاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي ??فتار تيز ڪرڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي پڻ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن، ڪچي جي ??لائقي ۾ قبائلي مسئلن جي ??ل لاءِ ڪميونٽي ۽ مقامي اڳواڻن جي مدد ورتي وڃي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڏوهن جي ??وڪٿام جي ??والي سان موثر رابطن جي لاءِ نظام تي??ر ڪيو وڃي. صدر تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪندي چيو ته ڪراچي شهر کي منشيات کان پاڪ شهر بڻائڻو پوندو، شاگردن جا لازمي ٽيسٽ ڪرائڻ، بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قانون ٺاهي سگهجي ٿو. هن زور ڏئي چيو ته سنڌ حڪومت سمورن والدين کي منشيات جي ??لاف آگاهي فراهم ڪري.