راولپنڊي-01 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ برطانوي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل (سي جي ايس) سرپيٽرڪ سينڊرز نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڇهين پاڪستان ??رطانيه استحڪام ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن ۾ مقرر سي جي ايس يو جي آرمي جنر?? سر رولنڊ والڪر به شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان ??اري بيان مطابق پاڪ يوڪي استحڪام ڪانفرنس ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تي فليگ شپ ڊائلاگ آهي جيڪو پاڪستان ۽ برطانيه ۾ وقتن بوقتن منعقد ٿيندا رهندا آهن. ان ۾ مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماهر جن ۾ سفارتڪار، دفاعي عملدار، دانشور ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا گڏجي ويهي بهتري لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. موجوده ڪانفرنس ۾ برطانيه جو 30 رڪني وفد 29 اپريل کان 3 مئي تائين پاڪستان ??ي دؤري تي آهي، جنهن جي اڳواڻي اسٽينڊنگ جوائنٽ فورس ڪمانڊر ميجر جنرل ٽام بيٽ مين ڪري رهيو هو. ڪانفرنس دوران ٻنهي طرفن جي وفدن عالمي ۽ علائقائي ماحول، قو??ي سلامتي، علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان ??ي اثرن جي حوالي سان ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سال ان مباحثي کي ٻه طرفن بجاءِ علائقائي مسئلن تائين وسعت ڏني وئي آهي ۽ خطي جي ٻنهي ملڪن جي دفاعي عملدارن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان ??ڳ چيف آف آرمي اسٽاف سي جي ايس ۽ مقرر سي جي ايس برطانيه سان ملاقات ڪئي ۽ پيشوراڻه مفاد ۽ ٻه طرفي سهڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف سي جي ايس برطانيه جي ٻه طرفه فوجي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ سندن خدم??ن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ مقرر چيف آف جنرل اسٽاف برطانيه آرمي جنر?? سر رولنڊ والڪر کي ان ??ي نامزدگيءَ تي مبارڪون پيش ڪيون.