اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي غاصباڻي قبضي کي قائم رکڻ جي لاءِ ??ال??ي قانونن ۽ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي جنهن تي ??ال??ي برادري خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان غاصباڻي اسرائيلي قبضي مان ڇوٽڪاري ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم القدس جي ??ال??ي ڏهاڙي ۽ جمعته الوداع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم القدس ڏهاڙي جي موقعي تي اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪري ٿي ۽ پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. گذريل 7 ڏهاڪن کان اسرائيل فلسطين ۽ بيت المقدس تي ناجائز ۽ غيرقانوني طور تي قابض آهي ۽ پنهنجي ان جارحيت کي قائم رکڻ جي لاءِ ??ال??ي قانونن ۽ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزي ڪندو اچي رهيو آهي جنهن تي ??ال??ي برادري خاموشي تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اها حقيقت ڪنهن کان لڪل نه آهي ته اسرائيلي غاصباڻي قبضي ۽ ان کي قائم رکڻ جي لاءِ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جو داستان آڪٽوبر 2023ع کان شروع ناهي ٿيو پ?? گذريل 7 ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، پر گذريل سال آڪٽوبر ??ان اسرائيل معصوم فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا وڌيڪ پهاڙ ٽوڙي رهيو آهي. غزه ۾ هيستائين 32 هزار فلسطيني بشمول 17 هزار ٻار شهيد ۽ 70 هزار ماڻهو زخمي ٿيا، اسپتال ۽ پناهگير ڪئمپن ۽ ٻارن جي اسڪولن کي ڄاڻي واڻي نشاو بڻايو ويو، انهن تائين امدادي شين جي پهچ کي روڪيو ويو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي جنگبندي جي قرارداد جي باوجود اڄ به غزه ۾ معصوم شهرين تي اسرائيل پاران اشتعال انگيز بمباري جاري آهي. پاڪستان ??ال??ي برادري کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته اها فلسطينين جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ روڪڻ جي لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان غاصباڻي اسرائيلي قبضي مان ڇوٽڪاري ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تائين پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته منهنجي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي جمعته الوداع جي موقعي تي گذارش آهي ته اهي رمضان جون برڪتون سهيڙڻ وقت پنهنجي فلسطيني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن کي دعائن ۾ ياد رکن ۽ الله ت??ال??ٰ جي آڏو انهن جي مشڪلاتن جي آساني جي لاءِ دعا ڪن، منهنجي پنهنجي قوم کي اها به اپيل آهي ته اها جمعته الوداع جي بابرڪت ڏينهن جي وسيلي سان پنهنجي عبادتن ۽ دعائن ۾ پاڪستان جي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ دعا ڪن، الله ت??ال??ٰ 27 رمضان المبارڪ تي اسان کي هي جدا وطن وڏين قربانين کانپوءِ عطا ڪيو هو، منهنجي الله ت??ال??ٰ کان دعا آهي ته هن جمعت المبارڪ جي طفيل پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو خاتمو ڪري ۽ اسان کي ان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جو عزم، حوصلو ۽ همت عطا ڪري.