اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلز??ار??ي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارتي چونڊن ۾ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري پاران اتحادي ??ار??ين جي سربراهن ۽ قائدين، سينيٽرز ۽ چونڊيل ميمبرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان پيپلز??ار??ي جي صدارتي اميدوار آصف علي زرداري جي صدارتي چونڊن ۾ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.