اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن نه آ??ي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت ??ڳڀ??ائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سم??هڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.