اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت ۽ تعليم جي سهولت کي هر شهري جو بنيادي حق قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام کي صحت جون سهولتون انهن جي درن تي مهيا ڪنداسين، غريب ماڻهو کي علاج جون بهت??ين سهولتون ملڻ گهرجن، موجوده حڪومت صحافينجي ڀلائي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ صحت ڪارڊ ج??ري ڪرڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي حصيد??ري سان صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ فنڪارن جي لاءِ صحت ڪارڊ ج??ري ڪرڻ بابت معاهدي تي صحيحن و??ري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو چيئرمين شعيب جاويد حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحاين ۽ فنڪارن جي لاءِ صحت ڪارڊ ج??ري ڪرڻ خوش آئنده آهي، ان جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير جو اهم ڪردار آهي. فنڪار ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا، صحافين ۽ فنڪارن جي صحت جي حوالي سان قدمن جي کوٽ هئي، صحافي ڪجهه وقتن تي انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا، موجوده حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ عوام جي لاءِ صحت ڪارڊ ج??ري ڪيو ويو هو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ غريب عوام ۽ پيڙهيل طبقي جي لاءِ نواز شريف جو تمام وڏو تحفو هو ۽ اهو پروگرام رڳو ڪروڙين غريب ماڻهن جي لاءِ هو جيڪي حلال رزق ڪمائين ٿا پر پنهنجي علاج جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان قاصر هئا. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جنهن صحت ڪارڊ کي ج??ري ڪيو ان سان جيڪڏهن اهي پرائيويٽ اسپتالن جي ذريعي نه هلايو وڃي ها ته مون کي ان تي اعتراض نه هو. ان ڳالهه جو خيال ڪرڻ کانسواءِ ڪير حقدار آهي ڪير حقدار نه آهي ان پروگرام جو ناجائز استعمال ڪيو ويو ۽ عوام جي محدود وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ويو. گذريل حڪومت ان منصوبي کي به نوازڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو هو. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ٻاهرئين ملڪ تعليم ڏي??ري سگهن ٿا اهي مهانگي کان مهانگو علاج به ڪرائي سگهن ٿا انهن جي لاءِ علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ ڪو مشڪل نه آهي. وزيراعظم چيو ته اهي پاڻ ٻاهرئين ملڪ علاج هيٺ رهيا آهن ۽ انهن جي علاج تي ان وقت 80 لک رپيا خرچ ٿيندا هئا. آئون سوچيان ٿو ته غريب ماڻهو ڪيئن علاج جا وڏا خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو. اسان لاهور ۾ ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ٺاهيو. اتي جگر ۽ گڙدي جي هڪ هزار پيوندڪ??ري ٿي چڪي ??هي ۽ غريب مريضن کي اتي مفت علاج ٿئي ٿو جڏهن ته امير ماڻهن کان علاج جا خرچ ورتا وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته اها ئي خدمت خلق ۽ انسانيت جي خدمت جي گهرج آهي. پي ڪي ??يل آئي جو جيڪو حشر ڪيو ويو هاڻي ان جي لاءِ وڌيڪ وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي. پنجاب ۾ اسپتالن ۾ اسان اعليٰ معيار جي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ۽ اربين رپين جون دوائون فراهم ڪيون ويون. جعلي دوائن جو 2016ع ۾ خاتمو ڪري ڇڏيو هو. اسان اسپتالن ۾ 10 رپين جي فيس به ختم ڪري ڇڏي هئي پر اڳوڻي حڪومت سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو. اسان جي دور ۾ ڊسٽ??ڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتالن کي به بهتر بڻايو ويو. مريضن جي لاءِ انهن جي ويجهي ت??ين علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. هر ضلعي ۾ سي ٽي اسڪين جي سهولت ڏني. اسان جي حڪومت اسپتالن کي پئسا نه ڏنا، شفاف واڪ ڪرايو ۽ انهن ٻولين جي ذريعي دنيا جي ناليوا??ين ڪمپنين کي آندو ويو ۽ انهن کي پابند بڻايو ته اهي پاڻ جديد مشينون هڻي هلائينديون. صحت ۽ تعليم هر شهري جو بنيادي حق آهي پر بدقسمتي سان صحت جي نظام کي تباهه ڪيو ويو ۽ علاج جي لاءِ مريضن کان پئسا وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته صحت ڪارڊ ج??ري ڪرڻ تي انشورنس ڪمپنين جا به ٿورا مڃان ٿو. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن سرڪ??ري ادارو آهي، پنجاب ۾ اسان صحت ڪارڊ کي جهڙي طرح ج??ري ڪيو هو، علاج جا مناسب خرچ وصول ڪيا وڃن ۽ بهت??ين خدمتون فراهم ڪيون وڃن، غريب ماڻهن کي علاج جون بهت??ين سهولتون ملڻ گهرجن ۽ ننڍين بيما??ين سان گڏ وڏين بيما??ين جي علاج کي به يقيني بڻائڻ گهرجي، اهڙي طرح قائداعظم جي خواب جي تعبير ممڪن ٿي سگهندي.