اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن ??اڪ??تا?? انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسلام آباد ۾ نيشنل ڪينسر اسپتال ۽ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نيشنل ڪينسر اسپتال ۾ اسلام آباد، راولپنڊي سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي علائقن بشمول گلگت بلتستان ڪشمير، ??يب??پختونخواهه ۽ ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو به ان مو??ي مرض جي عالمي معيار جي علاج مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن مو??ب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان اڪنامڪ زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.