اسلام آ??اد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ ماحول کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جا سمورا ??ذه?? معاشري ۾ ٻڌي ۽ برابري تي زور ڏين ٿا، ??ذه??ن امن جي لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي، چاهيون ٿا ته امن ۽ محبت جو پيغام عام ٿئي، پاڪستان دنيا جي لاءِ گنڌارا تهذيب جي قديم تاريخ جي منفرد ميلاپ ۽ ٻڌ جي امن ۽ همدرديءَ جي پيغام سان هڪ ق??مت?? دُوار کوليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڪلچرل ڊپلوميسي: پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌسٽ هيريٽيج جي بحالي“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن واري گنڌارا سمپوزيم 2023ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سمپوزيم جي افتتاحي سيشن ۾ اسلام آ??اد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ??ذه??ي اڳواڻن، آثار قديمه جي ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل مح??ود، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي سميت ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. صدر چيو ته مختلف تهذيبن بابت ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، واديءَ سنڌ جي تهذيب جو ڳاڻيٽو دنيا جي اهم تهذيبن ۾ ٿئي ٿو، ??ذه??ي ڪتابن ۾ گنڌارا تهذيب جو به ذڪر آهي. هن چيو ته ٻڌا جي تعليم امن، محبت ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي، موجوده دور ۾ صبر ۽ تحمل ضروري ٿي چڪو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مختلف تهذيبن کي اختلاف وساري گڏجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سمپوزيم منعقد ڪرڻ تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آ??اد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سمورن ??ذه??ن امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي لاءِ ??ذه??ن وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته دنيا کي امن ۽ بهتر ماحول جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دنيا کي تڪرارن کان هٽي امن طرف وڃڻ گهرجي ۽ تهذيبن کي لاحق خطرن کي روڪڻو پوندو. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل مح??ود تقريب ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته سمپوزيم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ ??ذه??ي سياحت کي فروغ ملندو. هن چيو ته پشاور، ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي گنڌارا تهذيب جا اهم شهر رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گنڌارا سميت ڪيترين ئي تهذيبن جا اثار موجود آهن، ثقافتي سياحت جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ثقافتي ۽ ??ذه??ي سياحت مختلف ملڪن ۽ معاشرن کي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي.