اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ خالد مقبول صديقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ سنڌ خاص طور تي شهري علائقن جي لاءِ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن ڪ??اچ?? ۾ پاڻي جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سالن کان تعطل جو شڪار ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي وزيراعظم شهب??ز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. خالد مقبول صديقي ملڪي سامونڊي علائقن ۾ بپرجوائي طوفان جي امڪاني اثرن جي ڏس ۾ رياست جي سمورن وس?لائی_جنگیں/121711.html">?لن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.