اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 1200 ميگاواٽ جو چشما فائيو نيوڪليئر پاور پلانٽ معاهدو پاڪ چين ڊالر جي سيڙپڪاري مثبت قدم آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو دير جو شڪار ٿيڻ تي چين اسا?? جي مدد ڪئي، چشما فائيو من??وب?? سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي، قوم کي ان معاهدي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. 1200 ميگاواٽ جي چشما فائيو ائٽمي بجلي گهر جي تعمير جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي. ان تقريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ چي?? جي نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان اٽامڪ انرج?? ڪميش?? جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير کانسواءِ چيني عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون اڄ قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اڄ سي فائيو جوهري توانائي من??وب?? جي تعمير جي مفاهمت تي صحيحون ٿيون آهن، ان من??وب?? سان 1200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، اهو من??وب?? ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳائڻ جو اصولي فيصلو ٿي ويو هو، ان جون شرطون طئي ٿي ويون هيون. گذريل حڪومت ان من??وب?? کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو هو، هاڻي ??ن من??وب?? کي پڄاڻي ??ائين پهچائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون آهن. ان من??وب?? تي لاڳت 2017ع جي ئي رکي وئي آهي جنهن سان 30 ارب رپي?? جي بچت ٿيندي. احسن اقبال، خرم دستگير ۽ پاڪستا?? جي نئين عسڪري قيادت جا ٿورائتا آهيون جو انهن ان تي وڏي محنت ڪئي ۽ دلچسپي ورتي، چشما فائيو من??وب?? سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سي فائيو من??وب?? پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جو اعليٰ مثال آهي، ڪجهه ??هي??ا اڳ ڪراچي ۾ ڪي ٿري جو افتتاح ڪيو، اڄ سي فائيو جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيا آهيون، اميد آهي ته بنا ڪنهن دير جي ان من??وب?? کي اڳتي وڌائينداسين، مشڪل معاشي صورتحال ۾ چين پاران 3.48 بلين ڊالر جي ان من??وب?? ۾ سيڙپڪاري واضح پيغام آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي چين?? ڪمپنيون ۽ سيڙپڪار تسلسل سان پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، اهو ان جو عڪاس آهي ته اسا?? جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري، ماکيءَ کان مـٺي ۽ فولاد کان مضبوط آهي. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ان دوستي کي آئرن برادرز جو نالو ڏنو آهي، پاڪستان کي اقتصادي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ نائين ريويو جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، آءِ ايم ايف پارا?? جيڪي شرطون هنيون ويون انهن سڀني کي اسان پورو ڪيو ا?? جي باوجود ان ۾ غيرمعمولي دير ڪئي وئي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسا?? جي مدد ڪئي، هي دوستي ان ضرب المثل جو هڪ عمده مثال آهي ته ”دوست اهو جيڪو مشڪل ۾ ڪم اچي“. وزيراعظم چيو ته چين کانسواءِ اسا?? جي عظيم دوست سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر پاڪستا?? جي مدد ڪئي ۽ هاڻي ??ه ڪري رهيا آهن، هن مشڪل وقت ۾ چي?? جي مالي مدد اهم آهي، ان تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ ا?? جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. هن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ا?? جي ٽيم جي ان معاهدي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي ان جا ٿورا مڃيا، چيني ناظم الامور ۽ ٻين جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته هي ميان نواز شريف جو ويزن آهي، هن 1993ع ۾ پهريون ڀيرو چين سان جوهري توانائي جو معاهدو ڪيو هو. هن چيو ته چيني قيادت پاڪستا?? جي جيڪا بي مثال مدد ڪئي آهي ۽ قرض?? جي تجديد ڪئي آهي اهو بي مثال دوستي جو بهترين نمونو آهي، چين پاڪستا?? جي انهن بااعتماد دوستن ۾ شامل آهي جيڪي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيا. وچ اوڀر ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ڪويت اسا?? جي مدد ڪئي، اسان دوست?? جي مدد ۽ معاونت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.