اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، آفريقي ملڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سف??رت??انا قائم ڪيا ويا آهن. ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سف??رت??اني جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سف??رت??اني جي قيام ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ايٿوپيا جي ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ ايٿوپيا جي سف??رت??اني جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته ايٿوپيا پاڪستان س??ن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان يقين جو اظهار ??يو ته اسلام آباد ۾ سف??رت??اني جي افتتاح سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ قائم ٿيندي. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا ايٿوپيا جي لاءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سف??رت??اني جو افتتاح ڪيو ۽ سف??رت??اني ۾ ايٿوپيا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف ??رڏ??هي آفيس موجب ايٿوپيا جي سف??رت??اني جو افتتاح پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.