اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ??مشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي ل??ءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ?? واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تنزانيه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزانيه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ??مشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي ل??ءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ??مشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ??مشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ?? عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي ل??ءِ ??م ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ور??وئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ور??وئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ور??وئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تنزانيه ۾ هاءِ ??مشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ل??ءِ ??م جي هدايت پڻ ڪئي.