اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قي??تن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ماضيءَ جا معاهدا قوم ڀوڳي رهي آهي پر اسان چئ??ينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ڪيو، حڪومت معاشي بهتريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن به??ري ۾ وقت لڳندو. وفاقي وزير مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قي??تن ۾ استحڪام آڻڻ حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم عمرا?? خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فرق جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.