اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي لاءِ سم??رن شهرين کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهميت ر??ندڙ آهي. صدر اها ڳالهه احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. صدر ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي هڪ ٽوئيٽ جو حوالو پڻ ڏنو آهي جنهن ۾ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ جي لاءِ درخواستگذارن کي 30 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته سم??را شاگرد پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن مستحق شاگرد وقت سر اسڪالرسپ جي لاءِ درخو??ست ڏئي سگهن.