اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪ فضائيه جي شهي?? نوجوان هواباز راشد منهاس کي سندس يوم شهادت جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم سندس وطن جي لاءِ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوجوان پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي يوم شهادت تي قوم کيس ??راج عقيدت پيش ڪري ٿي، اطلاعات واري وزير چيو ته جوا?? عمري ۾ ئي وطن عزيز تي جان نڇاور ڪري هن پنه??جي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا شعاري جي روشن تاريخ لکي آهي، هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت جي لاءِ بي مثال قربانيون پيش ڪيون.