اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز ??يو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوا?? عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجي??ه ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ??يو ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي لاءِ آ??ن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.