اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس باب?? آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس ج?? ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رضاڪار ڪم ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پا??ست??ن مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پا??ست??ن وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي س??هي?? ڪورونا جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، ??جي?? جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.