اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خا?? معاون ڊاڪٽ?? ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بازارن ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه پيون ڪيون وڃن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽ?? ظفر مرزا چيو ته پاڪستاني شايد سم??هي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس رڳو عيد تائين هو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مان ڪورونا وائرس ڪڏهن ختم ٿيندو ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ته تمام وڏو سانحو پيدا ٿي سگهي ٿو.