اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي ??رادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نئون سال ترقي ۽ خوشحالي ۽ عالمي ??طح تي امن ?? استحڪام جو سال هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر نئين سال جي شروعات تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪندي چيو ته نئون سال پاڪستاني قوم جي لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کڻي اچي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪاميا??ين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر زور ڏنو ته اچو نئين سال جي شروعات تي عوامي ??دمت، امن ?? استحڪام جي لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، الله تعاليٰ آڏو دعا آهي ته نئون سال ملڪ جي لاءِ ڪاميا??ين جو سال هجي.