اسلام آباد-26 ڊس??بر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي ??زي?? راڻا تنوير حسين سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) تحت حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ زرعي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي ??زي?? پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات، جهڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب ۽ خشڪ ميوي جي فراهمي جي صلاحي?? کي اجاگر ڪيو. هن ترڪيه کي ان مصنوعات جي رو??نگي واپار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات دوران زرعي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اضافو، ترڪيه لاءِ چانور، ڪڻڪ، انب جي مصنوعات جهڙي معياري شين جي رو??نگي واپار وڌائڻ، زرعي ميڪانائزيشن، آبي زراعت ۽ جديد آبپاشي نظام جا گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي منصوبن سميت عالمي (صحت ۽ نباتاتي معيار) معيار تي عملدرآمد جي ذريعي واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان ۾ زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن زرعي پيداوار ۽ واپار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ عملي منصوبو تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعا?? کي ساراهيندي زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي ??زي?? راڻا تنوير حسين پاڪستان جي زرعي شعبي جي مڪمل صلاحي?? کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان ڊگهي مدي واري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي موقعا پيدا ٿيندا.