اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايم ڪيو ايم پاڪستا?? جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سمي?? ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار سميت عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ملڪي مسئل?? جي جٽادار حل لاءِ قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڏکين حالتن مان ٻاهر نڪري رهيو آهي، معاشي اهڃاڻ بهتري طرف گامزن آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن پاڪستا?? جي روشن مستقبل جو ڏس ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته مايوسي گناهه آهي ۽ مايوس عنصر?? جي ايجندا ڪجهه ٻي آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستا?? جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي.