اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي توانائي و??ري و??ير دلبر جمعه جيڪو پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي د??ري تي آهي، ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پنهنجي تاجڪستان جي د??ري ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمان سان رياض ۽ باڪو ۾ پنهنجي تازين ملاقاتن جو ذڪر ڪندي و??يراعظم تاجڪ صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان جو صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم پنهنجي د??ري د??ران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. تاجڪستان جي و??ير پاڪستان ۾ استقبال ۽ م??ما?? نوازي تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطي جا ٻيا منصوبي پڻ بحث هيٺ آيا. ڌرين مواصلات خاص طور تي زميني رابطن، توانائي، تعليم، زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، سيڙپڪاري ۽ مواصلات وارو وفاقي و??ير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير احد خان چيما، توانائي و??رو وفاقي و??ير اويس ا??مد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي و??ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.