اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن سا?? حڪمن ۾ غي?? ضروري دير جو شڪار (ڳاڙهي ربن) ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪي پي ڪي جي نوجوانن کي يو اين ڊي پي ڊجيٽل اسڪلز گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جا نوجوان ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آءِ ٽي ذريعي نوجوانن کي مختلف ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي بابت مختلف پروگرامن ۾ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شاگرد پوري محنت ۽ لڳن سا?? تعليم حاصل ڪري معاشري جا فائديمند شهري بڻجن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڊجيٽلائزيشن لاءِ پُرعزم آهي، ان سا?? صارفين کي سموريون سهولتون آن لائن دستياب ٿينديون. هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت سميت سمورا آءِ ٽي ڪورسز ڊجيٽلائزيشن لاء?? اهم آهن. هن چيو ته ”ون پيشنٽ ون آءِ ڊي“ قدمن ت??ت مريضن جي ڊيٽا آن لائن دستياب هوندي، ان سا?? شناختي ڪارڊ ذريعي مريض جو سڄي ڊيٽا آڏو اچي ويندو، اهڙيءَ طرح جي قدمن سا?? صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد م??ند??، ڪوشش آهي ته اهڙن قدمن لاءِ نجي شعبو اڳيان اچي.