ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي ??الياتي نظام دنيا ۾ مضبوط، اخلاقي ۽ جٽادار ماڊل طور تي اُڀري رهيو آهي، اهو نواڻ ۽ گڏيل سهڪار ذريعي مستقبل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن ورلڊ اسلامڪ فنانس فورم 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو ??ندوبست ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي انتظام هيٺ ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اسلامي ??اليات شريعت جي اصولن تي ٻَڌل هڪ منصفاڻو نظام آهي، مضاربه ذريعي فنانسنگ وياج جي خاتمي جي راهه هموار ڪري ٿي، اسلامي ??اليات 2027ع تا??ين ??ڌي 6.67 ٽريلين ڊالر ٿيڻ جي اميد آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ان نظام جو ??نيادي نظام بنيادي اصولن تي آهي جيڪي ايمان، زندگي، عقل، نسل ۽ دولت جي تحفظ کي يقيني بڻا??ين ٿا، اسلامي ??الياتي نظام معاشي سرگرمين کي حقيقي اثاثن سان جوڙي ٿو، زڪوات ۽ وقف جهڙا اصول غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته گرين فنانس ماحولياتي مسئلن جي حل ۾ اسلامي ??اليات جي ڪردار کي وڌائي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گرين فنانسنگ جا وسيع موقعا موجود آهن. سندس چون هو ته حڪومت جو مقصد 2030ع تا??ين توانائيءَ جو 60 سيڪڙو حصو تجديد جوڳي ذريعن مان حاصل ڪرڻ آهي، اسلامي ??اليات نواڻ ۽ گڏيل سهڪار ذريعي مستقبل لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو.