اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي رو??نگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن نوجوانن کي عالمي معيار جي تعلي?? ۽ ??ربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي سڌارن تي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي رو??نگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ هر شعبي جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي آءِ ٽي شعبي کي ترجيح بڻائڻ جي ويزن جي نتيجي ۾ گذريل چئن مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي جي رو??نگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اي گورننس جي حوالي سان پاڪستان عال??ي رينڪنگ ۾ 14 درجا بهتر ٿيو، 2500 نيون آءِ ٽي ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته پاڪستان جي آءِ ٽي رينڪنگ 79 مان بهتر ٿي 40 ٿي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي شعبي جي رو??نگي واپار جي حوالي سان 15 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام رو??نگي واپار سان 1 ارب ڊالر جڏهن ته ڊيجيٽائيزيشن سان 10 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي رو??نگي واپار جي موجوده صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي تجويز ڪيل ليبر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن تحت صنعتن کان طلب جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ کانپوءِ تعليمي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي صلاحيت وڌائي رو??گار جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن خاص طور تي فري لانسرز کي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ سهولت جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ باصلاحيت افرادي قوت ۽ وسيلن جي کوٽ نه آهي. وسيلن جي بهتر استعمال ۽ افرادي قوت کي تعلي?? ۽ ??ربيت جي ذريعي پاڪستان جو آءِ ٽي رو??نگي واپار 25 ڊالر کان به وڌي سگهي ٿو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي شعبي جي سڌارن جي پيش ڪيل حڪمت عملي بهترين آهي، ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. آءِ ٽي رو??نگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پيش ڪيل سڌارن جي راهه ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي تعاون ڪن. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي شعبي جي سڌارن تي عملدرآمد جي آئون پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي تعلي?? ۽ ??ربيت ۽ هنر ڏيڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ حڪمت عملي تيار ڪري. پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن جي نار ملڪن ۾ طلب موجود آهي، ان حوالي سان پڻ تجويزن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي. وزيراعظم آءِ ٽي رو??نگي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان واضح هدف جوڙڻ ۽ هر قدم جي حوالي سان مدي جي تعين جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي سڌارن جي لاڳو ۽ مختلف ادارن سان تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم عالمي پيمنٽ گيٽ ويز جي حوالي سان ان قدم کي بهتر قرار ڏيندي ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان سڌارن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي رو??نگي واپار ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم مقرر مدي ۾ ان تي عملدرآمد جي هدايت پڻ ڪئي.