راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذ??الفقار ريجنل ميري ??ائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جبوتي جو دؤرو ڪيو، جتي جبوتي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذ??الفقار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جبوتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤر?? جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان گڏيل بحري ??شق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بن??ئڻ هو. پاڪستان ۽ جبوت?? جي سامونڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جبوتي ۾ قيام دوران مختلف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوت?? جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان مقامي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.