اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آ??يس جي ترجمان چيو آهي ته
اڱاري ڏينهن جي صبح ڪراچي ۾ نجي گارڊ سان جهيڙي کانپوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه چيني شهري زخمي ٿيا، زخمين کي فوري طور تي اسپتال آندو ويو ?? اهي علاج هيٺ آهن، اسان زخمين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آ??يس پا??ان جاري بيان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پاڪستان ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي آ??يس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين ويجها حصيدار ۽ مضبوط ڀائر آهن جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل تقدير جي ٻنڌڻن ۾ متحد آهن. پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ۽ پاڪستان ۾ ادارن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.