اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پ??ڪستان پيپلزپارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته ڪابي??ا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪي مفاد ۾ ف??صلو ڪيو آهي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير 26 هين آئيني ترميم تي ٻيهر تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا حڪومتي اتحادين سميت پ??ڪستان پيپلزپارٽي جي 26 هين آئيني ترميم جو تجويز ڪيل مسودو منظور ڪري ورتو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ ڪابينا بهترين فيصلو ڪيو. پوري قوم کي 26 هين آئيني ترميم جي ڪابي??ا مان منظوري تي مبارڪ هجي. هن چيو ته ڪابي??ا ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪي وسيع مفاد ۾ ف??صلو ڪيو. الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت جي استحڪام کانپوءِ ملڪ جي آئيني استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ هڪ سنگ ميل عبور ٿيو. عوام سان ڪيل پنهنجي واعدي موجب ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ مح??ت جاري رکنداسين. هن اتحادي پارٽين جي سربراهن جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، گهرو وزير محسن رضا نقوي، راڻا ثناءُ الله ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي عطا الله تارڙ جي ڪوششن کي ساراهيو.