ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز ??ارٽي جي چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کا?? واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي بيان موجب پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. بلاول ??ٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.