اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي ترجمان چيو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي فضائي آپريشن پنهنجي شيڊول موجب جاري آهي، مسا??رن کي درخواست آهي ته هو ايئرپورٽ ڏانهن سفر ڪندي متبادل ۽ کليل رستن بابت آگاهي حاصل ڪري گهران نڪرن. ترجمان مختلف شهرن خاص طور تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي رستن جي بندش جي معاملي تي جاري بيان ۾ چيو ته مسا??رن کي درخواست آهي ??ه اڏام جي مناسبت سان مقرر وقت کان گهڻو اڳ ايئرپورٽ روانو ٿين ته جيئن هو وقت سر پهچي وڃن.ترجمان چيو ته رش ۽ اڏام نڪري وڃڻ جي پريشاني ک??ن بچڻ لاءِ وقت ڪڍي جلدي ايئرپورٽ ڏانهن رخ ڪرڻ بهتر آهي. پنهنجي اڏامن بابت وقت سر معلومات يا بڪنگ جي تبديلي لاءِ پي آءِ سي جي ڪال سينٽر 786 786 111 تي رابطو ڪن.