اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن ??اري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورن ??نصوبن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو وي??دو، منصوبا بن??ي واري وزارت جي رُڪيل فائلن کي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بن??ي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جا??زي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته سمورين رٿائن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو وي??دو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهولتون فراهم ڪندو. احسن اقبال سمورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ?? لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي واري وزارت آفيسرن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪندي.