ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. فيملي ذريعن مطابق سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي 10 ڏ??نه?? کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي جي ڀاءُ هربيار ڊومڪي جو چوڻ آهي ته سردار سرفراز چ??ڪر ڊومڪي جو مڙهه ڪراچي کان لهڙي منتقل ڪيو پيو وڃي، سردار سرفراز چ??ڪر ڊومڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چ??ڪر ڊومڪي جو واسطو پيپلزپارٽي سان هو جيڪو پي بي 8 س??ي تان ڪامياب ٿي?? هو. سردار سرفراز چ??ڪر ڊومڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو حصو رهيو آهي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وزير رهي?? هو. اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سردار چاڪر خان ڊومڪي جي 2007 ۾ وفات بعد سردار سرفراز چ??ڪر خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊيو وي?? هو.