اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو باصلاحيت نوجوان آ??ن، پاڪستان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي ، مڪس مارشل آرٽس شعبي ۾ پاڪستان جي حڪومت فيڊريشن سان مڪمل تعاون ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ صدر پاڪستان مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن عمر احمد، چيمپيئنز ايمان خان، بانو بٽ، بريو ڪامبيٽ فيڊريشن ونرز رضوان علي، ضياءَ مشواڻي ۽ اسماعيل خان شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وز??را??ظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وز??را??ظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان آ??ن، انٽرنيشنل مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن ايشيئن چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي رانديگرن 12 ميڊل کٽي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، منهنجي ڀرپور خواهش آهي ته پاڪستان جا رانديگر ائين ئي عالمي سطح تي مقابلن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا رهن، توهان سڀني رانديگرن سان ملي دلي خوشي ٿي، توهان پاڪستان جو قيمتي سرمايو آهيو، توهان سڀني جي صلاحيتن کي ڏسي اطمينان ٿئي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته مڪس مارشل آرٽس جي شعبي ۾ پاڪستان جي حڪومت فيڊريشن سان مڪمل تعاون ڪندي، پاڪستان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وز??را??ظم چيو ته خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ، راندين جي مقابلن ۽ رانديگرن جي سليڪشن جي لاءِ شفافيت يقيني بڻائڻ جهڙا قدم کنيا. هن چيو ته بطور وز??را??ظم آئون پنهنجو اهو فرض سمجهان ٿو ته پاڪستان جي رانديگرن جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وڃي، مڪس مارشل آرٽس فيڊريشن پاران پاڪستان ۾ عالمي مقابلا منعقد ڪرڻ ساراهه جوڳو قدم آهي. ان موقعي تي وز??را??ظم کي تازو ئي فيڊريشن ۽ وز??را??ظم يوٿ پروگرام جي تعاون سان منعقد مڪس مارشل آرٽس جي عالمي مقابلن بابت آگاهه ڪيو ويو جن ۾ 18 ملڪن مان 300 ايٿليٽس حصو ورتو، پاڪستاني ايٿليٽس 4 سلور ميڊلز پڻ حاصل ڪيا جڏهن ته پاڪستان جي ٻن عورت فائٽرز گولڊ ميڊلز کٽيا. گولڊ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن ۾ ايمان خان ۽ بانو بٽ کانسواءِ ٻين رانديگرن وز??را??ظم کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. وز??را??ظم کي مڪس مارشل آرٽس جي شع??ي جي ترقي جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي تجويزن تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت ڪري جلد عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.